پرتاب مينگهراج پرسواڻي

پرتاب مينگهراج پرسواڻي: اداڪار، ليکڪ ۽ هدايتڪار پرتاب مينگهراج پرسواڻي، 8 فيبروري 1966ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. بي. اي ۽ بي. ايس. سي تائين تعليم حاصل ڪيائين. اداڪار طور اٺن ناٽڪن ۾ ڪم ڪيائين، جڏهن ته ڪجهه انگريزي ۽ هندي ڊاڪيومينٽري فلمون به ٺاهيائين. ليکڪ جي حيثيت ۾ سندس سائنس فڪشن ۾ سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ ڪتاب شايع ٿيل آهن. سندس ڪجهه ڪوتائون اردوءَ ۾ به شايع ٿيل آهن. ورهاڱي بعد ماهيم، بمبئيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو